هدايت بلوچ

هدايت بلوچ

بلوچ هدايت

بلوچ، هدايت: نامياري شاعر، افسانا نگار ۽ صحافي هدايت بلوچ جو جنم 6 جون 1948ع تي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو غلام نبي ’اداسي‘ بلوچ آهي. پاڪستان جو ناليوارو براڊ ڪاسٽر ۽ شاعر عنايت بلوچ سندس وڏو ڀاءُ آهي. تعليم ايم. اي پوليٽيڪل سائنس ۽ ايل. ايل. بي اٿس. 1972ع کان اپريل 1987ع تائين ڪراچي شپ يارڊ ۾ مختلف انتظامي عهدن ۽ 1987ع کان 2008ع تائين پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (PIA) ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪيائين. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. روزاني ”عوامي آواز“ ۾ سندس هفتيوار ڪالم ڇپبا رهيا آهن. ان کان سواءِ روزاني ”هلال پاڪستان“، روزاني ”جاڳو“ ۽ روزاني ”خبرون“ ۾ سندس چؤسٽا ڇپبا رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو